اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدا??ت ڪئي آهي ته پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ ??وثر حڪمت عملي جوڙي وڃي، معاشي ترقي ۽ صنعتي ??يداوار وڌائڻ جي لاءِ ??ومي صنعتي ??اليسي جلد کان جلد جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي هڪ اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران سندن ڪارڪردگي ۽ هدفن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي منڊين خاص طور تي ??چ ايشيائي ملڪن سان معاشي حصيداري روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي جو حصو هوندو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم واپار واري وزارت کي ڪاروباري برادري ۽ لاجسٽڪس ڪمپنين جي لاءِ عالمي واپاري چرپر جي نظام بابت آگاهي ۽ تربيتي ??روگرام منعقد ڪرائڻ جي هدا??ت ڪئي. پاڪستان جي ٻاهرئين ملڪ مقرر آفيسرن جي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ??اڳاپيل حصيدارن سانجاري مشاورت بابت آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم هدا??ت ڪئي ته پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??لڪ کي واپاري چرپر ۽ ٽرانس شپمنٽ جو مرڪز بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي موجوده 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ ??وثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدا??ت ڪئي. نگران وزيراعظم معاشي ترقي ۽ صنعتي ??يداوار وڌائڻ جي لاءِ ??ومي صنعتي ??اليسي جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وزيراعظم خساري ۾ رهندڙ قومي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري تيز ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي. نگران وزيراعظم کي موبائيل فونز جي مقامي تياري جي تازي پاليسي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، ملڪ ۾ ايندڙ ٻن سالن ۾ 40 لک هينڊ سيٽ ٺاهي سگهبا جنهن سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي قيمتي ??ٿرن ۽ معدنيات جي روانگي واپار کي منظم ڪرڻ جي لاءِ ??دمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، ان سيڪٽر سان ايندڙ ٻن سالن ۾ 2 ارب ڊالر جو روانگي واپار ممڪن ٿي سگهندو. نگران وزيراعظم جيمسٽون جي روانگي واپار جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??قامي ڪاريگرن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي لاڳاپيل هنر سيکارڻ جي لاءِ تربيتي ??روگرام منعقد ڪرائڻ جي هدا??ت ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ ملڪ ۾ اي ڪامرس جي فروغ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ويئر هائوسنگ جي استعمال تي زور ڏنو.