اسلام ??باد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته چئلينجن م??ن نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم ئي واحد رستو آهي، ملڪ ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي به خط لکيا ويندا، اسان جو هڪ ئي مقصد ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. اسلام ??باد ۾ وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ يارهين، ٻارهين جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جي اعلان وقت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اسان موجوده چئلينجن م??ن نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم جو ئي رستو اختيار ڪري سگهون ٿا، اسان وٽ مختصر وقت آهي پر اسان پنهنجون ڪوششون ڪنداسين ته جيئن بهتري آڻي سگهون ۽ ان سلسلي ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي خط لکيا ويندا. هن ان موقعي تي وفاقي تعليمي بورڊ جي عملدارن پاران نتيجا جوڙڻ جي ڪم کي ساراهيو ۽ کين م??ارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان جو مقصد صرف ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. مدد علي سنڌي چيو ته ڏهاڙي وارن استادن کي گهرائي انهن جا مسئلا ٻڌا آهن، جلد ڪو حل ڪڍنداسين.