اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ملتان جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملتان ۾ علاج جي عالمي سهولتن سان ل??س تعمير هيٺ نشتر ٽ?? اسپتال جو دورو ڪندو ۽ جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو وٺندو. 500 بسترن تي ٻڌل ان اسپتال سان ڏکڻ پنجاب جي ڏورانهن علائقن جا ماڻهو فائدو کڻندا. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم ملتان ۾ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ باصلاحيت نو??وا??ن ۾ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تحت چيڪ ورهائيندو. وزيراعظ۾ يوٿ لون اسڪيم تحت هي??تا??ين هڪ لک 10 هزار کان وڌيڪ باصلاحيت نو??وا??ن کي 101.6 ارب رپين جا آسان ۽ قرض وياج تي قرض ڏنا ويا آهن جيڪي انهن کي پنهنجي زرعي ۽ ٻئي ڪاروبار سان بااختيار، خودمختيار ۽ ٻين نو??وا??ن جي لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ جي قابل ??ڻائي رهيا آهن. وزيراعظم ملتان ۾ باصلاحيت ۽ قابل ??اگردن ۽ شاگردياڻين ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.