اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب آذربائيجان سان تع??ون جي ترجيحي شعبن جي نمائندگي ڪندڙ وزير وزير??عظ?? جي وفد جو حصو هوندا. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت تع??ون جي اهم شعبن تي وسيع ڳالهه ٻولهه ڪندو جڏهن ته هو گهڻ رخي فورمن ۾ گڏيل ڳڻتي ۽ تع??ون جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا عقيدي، ثق??فت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي سان ڳنڍيل آهن ۽ گڏيل اعتماد ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي مٽاسٽا سان مضبوط آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قي??دت جي سطح تي لاڳيتي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي اجاگر ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ويجهي گهڻ رخي تع??ون ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.