اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ن??جوانن جي مهارت ۽ صلاحيتن تي پڪو اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نوجوان پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خو??حا?? مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پاڪستان کي معاشي بحران مان ن??رڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي فروغ ڏيڻ هجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيشنل انوويشن ايوارڊ اسان جي نوجوانن جون تخليقي صلاحيتون پيش ??رڻ جي صلاحيت کي اڀاري ٿو جن کي موثر منصوبن ۾ آڻي سگهجي ٿو، 20 هزار درخواست ڏيندڙن مان 100 ذهين نوجوانن ۾ 16 ڪروڙ رپين جي روڪ رقم ورهائي وئي، ان ۾ 20 لک رپين تائين جو ايوارڊ ڏنو ويو، جي??و پيش ڪيل آئيڊياز جي غيرمعمولي نوعيت تي ٻڌل آهي. وزيراعظم يقين ظاهر ڪيو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان ن??رڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي فروغ ڏيڻ هجي جي??و اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي. شهباز شريف چيو ته انهن کي پنهنجي باصلاحيت نوجوانن جي مهارت ۽ صلاحيت تي پڪو اعتماد آهي ته اهي رستي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خو??حا?? مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پنهنجي هوشيار نوجوانن سان ملڻ سدائين خوشي جو سبب بڻجي ٿو.