اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، حڪوم?? بلوچستان ۾ سي پيڪ جي ترقياتي ??نصوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، بلوچستان جو اصل اثاثو باصلاحي?? بلوچ نوجوان آهن، حڪوم?? بلوچستان جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم، ??يشيواراڻي تربيت ۽ ليپ ٽاپس فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جعفر خان مندوخيل جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي 8 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جمال شاهه ڪاڪڙ، سردار يعقوب ناصر، آغا شاهه زيب دراني، عامر افضل مندوخيل، چوڌري نعيم، ??صير اچڪزئي ۽ ظهير خان ڪاڪڙ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ خصوصي منصوبا شامل ڪرڻ تي ??زيراعظم جا ٿورا مڃيا.