اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت کان پوءِ هاڻي معاشي طاقت بڻائڻو آهي، مشڪل معاشي فيصلن ذريعي لاٿ جو عمل رڪجي چڪو آهي ۽ معيشت جي بحالي کان پوءِ هاڻي معيشت جي اوسر طرف وٺي وڃڻو آهي ۽ ان کي ٻيهر دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻائڻو آهي. پوسٽ ب??يٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته معاشي ترقي ۽ ب??يٽ جا سمورا هدف قابل حاصلات ?? عملي آهن. وفاق ۽ صوبن جو ساليانو ترقياتي پروگرام تي ??قيقي معنائن ۾ عمل ٿيو ته 3.5 سيڪڙو اوسر جو هدف آساني سان حاصل ڪري وٺنداسين. اسان جو ب??يادي هدف 2017ع جي معاشي اهڃاڻن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ آهي. پگهارن ۾ واڌ بنيادي پگهار تي ??يڊهاڪ رليف جي صورت ۾ ڏنو ويندو. هن چيو ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليو?? جي شرح ۾ واڌ جو ڪو ب?? ارادو ناهي. تازي ۽ پراسيسڊ کير تي ڪا به سيلز ٽيڪس لاڳو ناهي ڪئي وئي. دفاعي ب??يٽ مجموعي قومي پيداوار جو 1.7 سيڪڙو آهي، جيڪو پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾وڌيڪ ناهي. ايئر فورس، دي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان قدم جاري آهن، ڪوشش آهي ته جولاءِ تائين پهرين ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان واڪ ٿي وڃي. پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو. بجل?? جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ ڪوشان آهيون. هر سال هڪ هزار ارب رپين جي سبسڊي ڀرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون.