اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو ??هي ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد ۾ آهي. دوري دوران پ??ڪستان ۽ ايٿوپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڇڪرائڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪ??دا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ??ه ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير اڱاري ڏينهن پ??ڪستان پهتو هو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ هن پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. هو خميس ڏينهن پ??ڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ملاقات ڪندو ۽ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاحي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ??ه ٻئي ملڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪ??دا. هن چيو ??ه ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي به شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ??ه وفد ۾ ايٿوپيا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ علائقائي يڪجهي جا مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل آهن.