اسلام آباد- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمان?? کي عيد الفطر 1444هه جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي مبارڪباد واري ٽوئيٽ ۾ چيو ته عيد جي هن پُرمسرت موقعي تي پنهنجي پيارن سان خوشيون ورهائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي چوڌاري معاشي طور تي ڪمزور ماڻه?? کي نه وساريو، دعا آهي ته هي عيد پاڪستان ۽ عا??م اسلام لاءِ امن، سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جو نويد ثابت ٿئي.