اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان يورپي يونين پاران پاڪستان کي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان قدم سان مني لانڊرنگ جي خاتمي/ دهشتگردي جي مالي معاونت جي خا??مي ۾ فني مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي کي تسليم ڪيو ويو آهي. ترجمان چي?? ته اهو قدم نومبر 2022ع ۾ برطانيا جي پاڪستان کي اهڙي طرح جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن چي?? ته فهرست مان نڪرڻ سان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ادارن جي وچ ۾ مالي ڏيتي ليتي ۾ آساني ٿيندي. ترجمان وڌيڪ چي?? ته پاڪستان يورپي يونين سان گڏيل طور ??ي فائديمند اقتصادي تعاون جي لاءِ ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ حصيدار ملڪن سان اينٽي مني لانڊرنگ/ سي ايف ٽي حڪومتن جي اپ گريڊيشن ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جو منتظر آهي.