ڪراچي – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا جي تازي رجحان ۽ اڳڀرائي سا?? هم آهنگ رهڻ لاءِ تيز تر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽيون تعليم ۽ تربيت جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائين، يونيورسٽيون خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اعليٰ معيار ۽ هنرمند گريجوئيٽس تيار ڪن، يونيورسٽيون آن ??ائين ۽ هائبرڊ جي ذريعي تعليم جي مدد سا?? وڌيڪ انگ ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجي انساني وسيلن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو پاڪستان ايئر فورس ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جي سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي 22 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻ، اعليٰ تعليمي ??دا??ن ۾ داخلائن جي شرح کي بهتر بڻائڻو پوندو. پاڪستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو شاگرد ايف ايس سي کانپوءِ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺن ٿا. پاڪستان ۾ هر سا?? آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ رڳو 35 هزار گريجوئيٽس پيدا ڪري ٿو، رڳو 35 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ناڪافي آهن. هن چيو ته پاڪستان کي باقي دنيا سا?? رفتار برقرار رکڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ گريجوئيٽس جي انگ ۾ بهتري آڻڻ گهرجي. يونيورسٽيون پنهنجي فزيڪل انفراسٽرڪچر کي موثر طريقي سا?? استعمال ڪن. وڌيڪ شفٽون متعارف ڪرائين. يونيورسٽين ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن ??ائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جي 52 سيڪڙو سائبر سيڪيورٽي ماهرن وٽ ڪا ڊگري نه آهي. آن ??ائين تعليم جي ذريعي پاڻ کي هنر سا?? آراسته ڪريو. هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي مه??رت?? جي واڌويجهه جي لاءِ هڪ آن ??ائين پروگرام ڊيجي اسڪلز متعارف ڪرايو. ڊيجي اسڪلز پروگرام سا?? هيستائين 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ اٽڪل 70 هزار شاگرد ايف ايس سي جو امتحان پاس ڪن ٿا، سيٽن جي گهٽتائي ۽ محدود وسيلن جي ڪري رڳو 8 هزار شاگرد ئي اعليٰ تعليمي ??دا??ن ۾ داخلا وٺي سگهندا آهن.