پشاور – 15 – مارچ (ا?? پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي صوابي ۾ راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هن صوابي جي علائقي عالم آباد ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پٺت?? پيل علائقن ۾ اهڙي طرح جي آرگنائيزيشنز ملڪ کي ??رق?? جي راهه تي گامزن ڪنديون. ه?? چيو ته عورتن جي تعليم انتهائي ضروري آهي عورتون پڙهنديون ته نئين نسل کي ماءُ جي هنج مان تعليم سان ليس ڪندي، هتي هزارين ٻارن جي لاءِ تعليم جا دروازا کلي رهيا آهن، اسٽريٽ چلڊرنز کي به تعليم ڏيڻ گهرجي، ان جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ اڃا به تعليم جي شرح تمام گهٽ آهي، عمارت مان تعليم حاصل نه ٿي ٿي سگهي ٽيچرز سٺا ۽ محنتي هجڻ ??هرجن. خاتون اول چيو ته راشد ميموريل کي وڌيڪ ڳوٺاڻن علائقن تائين سگهه ڏيڻ گهرجي، عورتن کي تعليمي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختيار هجڻ ??هرجي ۽ انهن کي تعليم سان گڏ هنر به سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ٽيچرز جي تربيت تمام ضروري آهي ته جيئن اهي اڳتي ٻارن کي به??ر طور تي پڙهائي سگهن، ان سان گڏوگڏ استادن جي عزت به تمام ضروري آهي. ه?? چيو ته راشد ميموريل آرگنائيزيشن ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺت?? پيل علائقن کي صحت جون به??ر سهولتون پڻ فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. ه?? چيو ته صوابي جي مقامي ڪميونٽي ک?? پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته اها راشد ميموريل ويلفيئر آرگنائيزيسن جو ساٿ ڏين ته جيئن اهي توهان جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ۽ انهن جي به??ر صحت ۾ توهان جي مدد ڪري. ه?? چيو ته اسان کي گڏجي هن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان به ??رق?? ڪريون ۽ اسان جو ملڪ به ??رق?? جون منزلون طئي ڪري.