اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چي?? آهي ته سينيٽ طرفان آئين جي گولڊن جوبلي جي ??وقعي تي اجلاس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، اڄ درپيش معاشي بدحالي ۽ سياسي ڏڦيڙ جو سبب هي آهي ته جمهوريت جو س??ر اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويو، آئين تي ڌاڙو هڻن ۽ ان سان کيڏڻ جي اجازت ڏيندڙن جا نالا سامهون اچڻ گهرجن. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا جي ??مائندن سان ڳالهائيندي هن چي?? ته سينيٽ طرفان آئين جي گولڊن جوبلي جي ??وقعي تي اجلاس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، سينيٽ هائوس آف فيڊريشن ۽ وفاق جو گهر آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پوري قوم کي سينيٽ جي ڪردار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چي?? ته اجلاس جي ??ڄاڻي تي سينيٽ ۾ هڪ قرارداد جي ??نظوري ڏني وئي. مون هن قرارداد ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ سينيٽ سيڪريٽري کي پنهنجي ترميم جمع ڪرائي، هن پنهنجي تجويز ڪيل ترميم ميڊيا جي ??مائندن کي پڙهي ٻڌائي جنهن ۾ چي?? ويو هو ته هي ايوان سمورن فوجي آمراڻي دورن جي ??ذمت ڪري ٿو جنهن ملڪ جو آئين ٽوڙيو ۽ ان کي معطل ڪيو ۽ اهڙي طرح پاڪستان جي عوام جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو جڏهن ته پنهنجي حلف کان منهن موڙيندي آمرن جي غير آئيني قدمن جي توثيق ڪندڙن جي به مذمت ڪريان ٿو. هن چي?? ته هي ڄاڻايل ترميم صرف منهنجي خيالن نه پر پراڻي ۽ موجوده سينيٽرن جي گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو تعداد آئين کي ٽوڙيندڙ ۽ ملڪ جي تقدير سان کيڏيندڙن خلاف ڳالهه ڪئي. هن چي?? ته اڄ اسان جنهن معاشي بدحالي ۽ سياسي ڏڦيڙ تائين پهتا آهيون هي سڄو ڪجهه ان سبب ٿي رهيو آهي ته جمهوريت جو س??ر اڳتي نه وڌڻ ڏنو ويو. سينيٽر عرفان صديقي چي?? ته سينيٽ کي 50 سال مڪمل ٿي ويا، انهن 50 سالن ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ سينيٽ ۾ رنڊڪ به آئي، ڪيترن ئي ميمبرن چي?? ته جنهن آئين سازي ڪئي ۽ آئين جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، انهن جي ساراهه ڪرڻ گهرجي ۽ جن ماڻهن آئين کي ٽوڙيو انهن جي ??ذمت ٿيڻ گهرجي. هن چي?? ته مون کي افسوس آهي ته سينيٽ جي ??تفقه قرارداد ۾ منهنجي ترميم شامل نه ڪئي وئي ۽ ان قراداد ۾ ڪيترن ئي ميمبرن جي احساسن ۽ جذبن جي ??وري طرح ترجماني ناهي ٿي.