اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) بيگم ثمينه علوي عورتن تي زور ڏنو آهي ته اهي معيشت جي مست??بل جي ??ور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي اهميت کي نظر ۾ رکندي ان شعبي ۾ پنهنجي لاءِ موقعا ڳولين، آءِ ٽي ۾ مهارت پاڪستان جي لاءِ پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. پي اي ايف بيس نور خان ۾ عورتن بابت فضائيه بلقيس ڪاليج آف ايجوڪيشن جي 30 هين ڪانووڪيشن جي ??قريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جي يونيورسٽين کي سائبر سيڪيورٽي، آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ ڊيٽا ايناليٽڪس تي ڌيان ڏيڻ جي ??رورت آهي ڇو ته دنيا کي انهن شعبن ۾ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ??رورت آهي. بيگم ثمينه علوي چيو ته وڌ کان وڌ ڪمپنين، ڪاروبارن، حڪومتن ۽ نجي ??دارن پنهنجي ??وزاني جي معمولات ۾ آءِ ٽي ٽولز کي اختيار ڪيو آهي ۽ مست??بل ۾ اڃا به وڌيڪ ڪمپنيون ڊيجيٽل ذريعن طرف وڌنديون. هن چيو ته آءِ ٽي ۾ مهارت پاڪستان جي لاءِ پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ هڪ سنهري موقعو ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته آءِ ٽي جي ??عبي ۾ سيڙپڪاري ڪري نوجوانن ۽ خاص طور تي عورتن کي لاڳاپيل مهارتن سان ليس ڪري ملڪ پنهنجي ??وانگي واپار جي ڪاٿي کي وڌائي سگهي ٿو ۽ مالي مسئلن مان نڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ ۾ انهن جو سفر ختم ناهي ٿيو پر تجربن سان سکڻ جو هڪ جاري عمل آهي. هن عورتن کي ملڪ جو هڪ اهم حصو قرار ڏنو ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي علم کي عملي زندگي ۾ پنهنجي ??هترين صلاحيتن موجب استعمال ڪن، عورتون پنهنجي ??لم ۾ اضافو ڪن، پنهنجي پيشي ۾ مهارت حاصل ڪن ۽ ان کي معاشري جي ??هتري جي لاءِ استعمال ۾ آڻين. هن فضائيه بلقيس ڪاليج آف ايجوڪيشن فار وومين کي ساراهيو، جيڪو هڪ منفرد غيرمنافعي بخش اداري طور عورتن کي اعليٰ معيار جي ??عليم فراهم ڪري رهيو آهي. هن عورتن ۾ تعليم جي فروغ ۾ تعاون تي پاڪستان ايئرفورس وومينز ايسوسيئيشن جي ??در کي پڻ ساراهيو. بيگم ثمينه علوي شاگردن ۾ ميڊل ورهايا جڏهن ته وائيس چانسلر ايئر يونيورسٽي ايئر مارشل جاويد احمد گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون. ڪاليج جي پرنسپل عائشه خرم چيو ته ايئر يونيورسٽي جي ??عاون سان 16 ريسرچ پبليڪيشنز شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ادارو عورتن کي مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ انٽر پرينيورشپ جي فروغ ۽ مختصر ڪورسز تي پڻ ڌيان ڏي ٿو.