اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پنجاب حڪومت مهانگائي جي ور چڙهيل غريب عوام جي لاءِ وڏو رمضان پئڪيج تيار ڪيو آهي جنهن تحت غريب خاندانن کي مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. اهو فيصلو وز??راعظم جي صدارت ۾ پنجاب ۾ رمضان پئڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي جي جائزه اجلاس ۾ ڪيو ويو. پهريون ڀيرو غريب خاندانن کي مفت اٽي جي فراهمي جو اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون پئڪيج آهي جيڪو وز??راعظم جي خصوصي هدايت تي تيار ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ پنجاب صوبي ۾ غري?? ترين ماڻهن کي خصوصي رمضان پئڪيج تحت مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وز??راعظم غريب خاندانن کي رمضان پئڪيج تحت اٽي جي فراهمي تي ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رمضان مهيني ۾ روزيدارن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. وز??راعظم جي هدايت تي پنجاب ماڊل جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ رمضان پئڪيج جي غريب عوام کي فراهمي جي لاءِ وفاق صوبن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب زاهد اختر زمان ۽ ناڻي واري سيڪريٽري مجاهد شير دل رمضان پئڪيج جي حوالي سان وز??راعظم کي بريفنگ ڏني. پنجاب جي نگران وڏي وز???? سيد محسن رضا نقوي کانسواءِ خوراڪ وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.