اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف نجي ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي ج?? شعبن ۾ سي??پڪ??ري جي موقعن مان فائدو کڻن، نجڪاري کانپوءِ ڪراچي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ڪراچي اليڪٽرڪ جي 4 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزير??عظ?? ڪراچي اليڪٽرڪ جي سي??پڪ??ري کي انرجي سيڪٽر خاص طور تي شمسي توانائي ج?? شعبي ۾ سي??پڪ??ري جي ترغيب ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي ج?? شعبن ۾ سي??پڪ??ري جي موقعن مان نجي ۽ عالمي ڪمپنين کي مان کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت قابل تجديد خاص طور تي توانائي جي ذخيرن سان بجلي پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ موجود سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزير??عظ?? کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪراچي اليڪٽرڪ جي لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ روينيو ڪليڪشن ۾ بهتري آئي آهي جيڪو باقي ڊسٽري بيوشن ڪمپني?? جي لاءِ هڪ مثال آهي. ملاقات ۾ اڳوڻي وزير??عظ?? شاهد خاقان عباسي، وزير??عظ?? جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪراچي اليڪٽرڪ جي وفد ۾ شيخ عبدالعزيز حمد الجوميه، شان عباس، نان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪراچي اليڪٽرڪ، سيد مونس عبدالله علوي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪراچي اليڪٽرڪ ۽ عمران حسين قريسي چيف ريگيوليٽري آفيسر ڪراچي اليڪٽرڪ شامل هئا.