اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي اهم معاملن تي پاڪستان جي موقف کي پيش ڪرڻ، پاڪستان جي ثقافتي ۽ سماجي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ عالمي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۾ پاڪستان ??اران ڏنل قربانين کي اجاگر ڪر?? جي لاءِ ذاتي ۽ اجتماعي طور تي ڪوشش ڪن، پاڪستان جي 40 سالن کان 40 ملين کان ??ڌيڪ افغان ??ناهگيرن جي ميزباني سان گڏوگڏ هندستاني قابض فوج پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلم پڻ اجاگر ڪر?? جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلپنگ هارٽس، ڪيئرنگ سولز ۽ اي پي پي اي سي (ايپڪ) جي وفد سان ??لاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي تنظيمن کي گهرجي ته اهي پنهنجي ميزبان ??لڪن جي سياستدانن، عوامي راء?? ٺاهيندڙن ۽ ميڊيا سان ??ڪمل اعتماد ۽ فخر سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اليڪٽرانڪ ذريعن ۽ آءِ تي ٻڌل سهولتن مان ??ائدو کڻن ته جيئن قومي، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي قابل قبول بڻائي سگهجي ۽ پاڪستان ۽ ان جي عوام بابت مثبت راءِ کي فروغ ڏئي سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان ??ٽ فعال ۽ محنتي انساني وسيلا آهن، اهو سمورن معاملن، چئلينجز ۽ وسيلن کي ڳالهين، مشاورت ۽ غور فڪر جي جمهوري طريقن سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ وانگر ان جا به پنهنجا مسئلا آهن، تنهن ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندي معذرت وارو انداز اختيار ڪر?? جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته پاڪستان 40 سالن کان ??ڌيڪ عرصي تائين پنهنجي وسيلن سان 40 ملين افغان ??ناهگيرن جي بي مثال مهمان ??وازي ڪئي. ان جي ابتڙ اولهه جي ملڪن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي پنهنجي ملڪن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪ?? جي لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪيا ۽ يوڪرين جي پناهگيرن کي قبول ڪرڻ ۾ واضح امتيازي سلوڪ جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ٻين ملڪن جي پناهگيرن کي ??ي دلي سان سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويو. صدر چيو ته جيڪي ملڪ اسان کي اخلاقيات جو سبق سيکار?? جي ڪوشش ڪن ٿا انهن کي پنهنجي طرز عمل تي نظرثاني ڪر?? جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ??اهرئين ملڪ منتقل ٿيندڙ پاڪستانين کي تعليم ڏي?? جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا خرچ ڪيا آهن ۽ انهن جي ٻين ملڪن طرف هجرت جي ڪري ان کي برين ڊرين جو نتيجو ڀوڳڻو پيو آهي. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي دانش، علم ۽ مهارت جي مختلف طريقن جي ذريعي پاڪستان ??نتقل ڪري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي بچت ۽ مٽاسٽا جي ناڻي کي مناسب بئنڪنگ چينلز جي ذريعي موڪل?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.