اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد ??ن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻول??ه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. وزيراعظم ??اڪ??تان ۾ موسمياتي ٻوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ ??اڪ??تان جي مالي امداد تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع ??ي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ريزيليئنٽ ??اڪ??تان بابت شيخ محمد ??ن زيد النهيان کي آگا??ه ڪيو ۽ ڪانفرنس ۾ يو اي اي کي اعليٰ سطح جي شرڪت جي لاءِ درخواست ڪئي. شيخ محمد ??ن زيد النهيان ڪانفرنس جي بنيادي ايجنڊا جي حوالي سان گڏيل عرب امارات جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر کي ??اڪ??تان جي دوري جي دعوت ڏني. ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ ثقافت ۾ مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ ??اڪ??تان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.