اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??ائ??اڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾??ائ??اڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي باني صدر، شيخ زيد بن سلطان النهيان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ۽ ??ائ??اڻن لاڳاپن جو بنياد رکڻ ۾ ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪيو. شيخ زيد بن سلطان النهيان پاڪستان جو باقاعده دورو ڪندو هو ۽ پ??ڪستان ۾ سماجي شعبي ۾ مختلف فلاحي منصوبن جي مالي معاونت پڻ ڪندو هو، شيخ زيد اسپتال پاڪستان جي لاءِ ان جي خدمتن جو بهترين مٿال آهي، ان جو ان جي فلاحي ڪمن جي لاءِ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ بوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پاڪستان جي مالي ۽ امدادي شين جي صورت ۾ امداد تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. گڏيل عرب امارات جي صدر وزيراعظم پاران مبارڪباد جي آجيان ڪئي ۽ پ??ڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي ??يخ محمد بن زيد النهيان قبول ڪري ورتو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ??ائ??اڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ و??و ذريعو آهي.