اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناليواري اداڪار اسماعيل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي ب??ان ۾ وزيراعظم شهباز ش??يف مرحوم اسماعيل تارا جي گهروارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي م??حوم جي درجن جي ب??ندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم اسماعيل تارا مزاحيه اداڪاري ۾ من??رد مقام رکندو هو. هن پاڪستان ۾ مزاح کي آرٽ جي هڪ صنف طور مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناظرين جي ذهنن تي هن جي اداڪاري جا اڻمٽ نقش آهن. خاص طور تي پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ففٽي ففٽي ۾ سندس اداڪاري يادگار رهندي ۽ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.