اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زي?? حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب افغانستان جي معيشت واري نائب ??زي?? عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن عبيدالله رحمان ڪابل پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زي?? حنا رباني کر جي آجيان ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي ??زي?? حنا رباني کر دوري دوران افغانستان جي عبوري حڪومت جي پرڏيهي ??زي?? امير خان متقي سان سياسي معاملن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. مملڪتي ??زي?? افغانستان ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي ک?? وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ حمايت کي به ورجائيندي.