اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب پاڪ فضائيه جا ايئر بيسز مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيون آهن، ترجمان موجب انهن علائقن ۾ روجهاڻ، فاضل پ??ر، ٿل، راجن پو??، رسالپ??ر، حيات آباد، تلهار، ميرپورخاص، سعيد آباد، نواب شاهه، اچ، عمرڪوٽ، علي پ??ر، دوداپ??ر، سکر، سيوهڻ، ڄامشورو، قلعه عبدالله ۽ نوشهره ڪلان شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 12617 مريضن جو طبي معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه انهن ضرورتمند خاندانن تائين پهچي رهي آهي جنهن جا گهر ان قدرتي آفت سبب ??تا??ر ٿيا آهن، انساني همدردي ت??ت 4794 خشڪ راشن جا پيڪٽ، 8825 تيار کاڌي جا دٻا ۽ 705 پاڻي جون بوتلون به ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايون ويون.