اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيدين جي س??ائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آزادي جي ڏ??اڙي جي موقعي تي سزائن ۾ گهٽتائي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جيلن ۾ رهندڙ قيدين جي س??ائن ۾ پنجين حصي جي گهٽتائي ڪئي ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي جيڪي 15 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪ??ٽي چڪا آهن انهن جي لاءِ باقي س??ا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. 60 سال يا ان کان وڏي عمر جون عورتون جيڪي 10 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ڪ??ٽي چڪيون آهن جي لاءِ باقي س??ا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. ق??د جي س??ا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ قيدين جي س??ا تي مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 20 سال جي قيد مڪمل ڪندڙ قيدين جي س??ا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق موت جي س??ا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙي جي ڏ??هارين تي نه هوندو.