اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير ا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته آهي ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي نا قابل بيا?? آهي، متاثرن جي آبادڪاري تائين سک سان نه وينداسين، سڄي قوم متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي م??د جي لاءِ اڳتي اچي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ان چيو ته بلوچستان ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيڻ واري تباهي ناقابل بيا?? آهي. حڪومت جي سڀئي ادارن ضرورتن کي سامهون رکندي ريسڪيو ۽ ريليف جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. اسان ان وقت تائين سک سان نه وينداسين جيستائين متاثرن جي بحالي ممڪن نه ٿئي وڃي. وزيرا??ظم چيو ته اسان ٻوڏ سان پيدا ٿيل صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي م??اذن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. چيلينج وڏو آهي پر ان چيلينج کي منهن ڏيڻ جو اسان جو عزم ان کان به مضبوط آهي. آئون پوري قوم کي اپيل ڪيان ٿو ته هو اڳتي اچن ۽ تڪليف ۾ آيل اسان جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي م??د ڪن. آئون ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير، صوبائي انتظاميا، اين ڊي ايم اي ۽ فوج جو خاص طور تي ٿورو ادا ڪيان ٿو.