اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اپوسٽل ڪنوينشن ۾ پاڪست??ن جي شموليت سان ٻاهرين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين کي آساني ٿيندي، هاڻي پاڪستاني تصديق ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اپوسٽل ڪنونيشن ۾ پاڪست??ن جي شموليت ٻاهرين ??لڪ سفر ڪندڙ ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين کي تمام گهڻي آساني ٿيندي، پنهنجي شهرين جي لاءِ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هاڻي پاڪستان ۾ تصديق ٿيل دستاويز 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ قابل قبول هوندا ۽ اس??ن جا شهري شاد?? جا سرٽيفڪيٽ، ڊگريون ۽ ٻيا دستاويز پاڪستان ۾ پرڏيهي وزارت جي مجاز آفيسرن کان تصديق ڪرائي سگهندا جن کي وڌيڪ تصديق جي ضرورت کانسواءِ عالمي سطح تي قبول ڪري سگهبو.