اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءُ اسلام جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان ۽ اڪرم خان دراني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ?? ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ?? ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي ۽ بهتري کي يق??ني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي پاسي جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي وفد به و??يراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير م??لانا اسعد محمود، مذهبي معاملن وارو وزير م??لانا عبدالشڪور، هائوسنگ ا??نڊ ورڪس وارو وزير م??لانا عبدالواسع ۽ سيفران وارو وزير سينيٽر محمد طلحه محمود شامل هئا. ملاقات ?? ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ?? ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي کي يق??ني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.