اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آص?? علي زرداري ?? پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران اجري بيان موجب ملاقات ۾ آص?? علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف آص?? علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جا حڪومت جي جوڙجڪ ۾ تعاون تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ خدا کان دعاڳو آهيون. مشاورت ۽ گڏيل تعاون سان پاڪستان جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ اسان جو اولين مقصد آهي.