اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ل??گ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڳال??ائ??ندي شهباز شريف چيو ته آئون س??ني ساٿين جو ٿورائتو آهيان، انهن جي ڪوششن ۽ ٻڌي سان هڪ نئون سج اڀرڻ وارو آهي، نئون ڏينهن اچڻ وارو آهي، عوام جون دعائون الله ٻڌي ورتيون. هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر جي ڏاهن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن اتحاد، يڪجهتي، نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪ??و. ??هباز شريف چيو ته اسان ڪنهن کان بدلو نه وٺنداسين، ڪنهن سان ناانصافي نه ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن کي جيلن ۾ وجهنداسين نه ڪنهن سان ناانصافي ڪنداسين پر قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو. ميان شهباز شريف چيو ته آئون آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت س??ني ساٿين جو ٿورائتو آهيان جن بي اعتمادي رٿ ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون.