اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ملاقات ڪئي ۽ و??ار?? عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سعودي سفير وزيراعظم کي و??ار?? عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجوده ٻطرفن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري ۽ ا??ٽريٽجڪ لاڳاپن جي شعبن ۾ سعودي عرب سان تعاون جي فروغ تي زور ڏنو. ان کانسواءِ هن تعليم، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل ٻارڻ ۽ ص??ف توانائي جي فروغ لاءِ سعودي عرب جي تجربي مان فائدو کڻڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.