اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايم ??يو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي، اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيو??، ايم ??يو ايم جي قيادت سا?? وزيراعظم جي تما?? سٺي ملاقات رهي. وزيراعظم عمران خان جي ايم ??يو ايم جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ملاقات ۾ اسان سڄي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. هن چيو ته ايم ??يو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيو??، اسان انهن سان اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ۽ ان کي حتمي شڪل ڏني جڏهن ته ايم ??يو ايم وزيراعظم جي ذات تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ايم ??يو ايم جي قيادت چيو ته توهان بهادر آباد اسان جي گهر آيا آهيو اسان توهان سان گڏ آهيو. ايم ??يو ايم قيادت وزيراعظم آڏو نه ڪو مطالبو رکيو ۽ نه ئي ڪا گلا ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ايم ??يو ايم جا ٿورائتا آهيون جو انهن اسان کي تمام گهڻي عزت ڏني ۽ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.