ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ??ي ٿو. اها ڳالهه هن ماسڪو ۾ پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي ??ي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روسي پرڏيهي وزير م??سڪو اچڻ تي پرڏيهي وزير م??دوم شاهه قريشي جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزير?? پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ??ي ٿو، پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا مستحڪم ٿيا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن جي فروغ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزير?? پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. روسي پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ڪاميابي تي پرڏيهي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي قيادت کي م??ار??باد ڏني ۽ 22 – 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ متوقع او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي روسي هم منصب جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.