اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي ونٽر اولمپڪ گم??ز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ??اء?? 3 کان 6 فيبروري 2022ع تي چين جو دورو ڪندو. ڪابين?? جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان، صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ چيني اڳواڻ ملاقاتن ۾ سي پيڪ سميت مستحڪم واپاري ۽ خاص طور تي اقتصادي تعاون سميت ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺندا، پاڪستاني ۽ چيني اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، وزيراعظم بيجنگ ۾ چين جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن ۽ چين جي ٿنڪ ٽينڪس، تعليمي ادارن ۽ ميڊي?? جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو، وزيراعظم ان موقعي تي ٻيون ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو، هڪ عالمي ايونٽ جي طور تي سرمائي اولمپڪ گيمز جو دني?? جي ماڻهو جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم، شموليت ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. بيجنگ جلد ئي اولمپڪ گم??ز جي سردي ۽ گرمي واري مند ٻنهي ايڊيشن جي ميزباني ڪرڻ وارو پهريون شهر بڻجي ويندو، اها ڳالهه انتهائي واکاڻ جوڳي آهي ته چيني حڪومت ڪووڊ – 19 وب?? جي باوجود سرمائي اولمپڪ گيمز جي انقعاد ??اء?? محتاط انتظام ڪري رکيا آهن. وزيراعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري کي بلندين جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ ??اء?? ٻطرفي عزم جي تجديد ڪندو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. ان دوري دوران ڪيترن ئي ايم او يوز ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.