اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي گڏجي اڄ اهو ضمني بل منظور ڪرائيندا، مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ??وران ڪيو. هن چيو ته مخال ڌر چئي رهي هئي ته اسان ضمني فنانس بل منظور نه ڪرائڻ ڏينداسين، اڄ مخالف ڌر کي ڀرپور ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته سڄي قوم اڄ واري مخالف ڌر کي روئندو ڏسندي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته ضمني فنانس بل سان عام ماڻهو تي ڪو به اثر نه پوندو، عام ماڻهن کي متاثر ڪندڙ شين تي ٽيڪس جي معاملي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته ضمني فنانس بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو. فر?? حبيب چيو ته شهباز شريف تياري ڪري وٺي، هاڻ?? ا?? کي حساب ڏيڻو پوندو. شريف فيملي جا ڪجهه ماڻهو فر??ر ٿيا آهن ۽ ڪجهه ??دالتن ۾ تاريخن جي پويان لڪي رهيا آهن.