اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان ناليواري ڪرڪيٽرز سر ويوين رچرڊس ۽ ڊيوڊ گاور ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي ڪرڪيٽ جي فروغ خاص طور تي گهٽ عمر جي رانديگرن جي لاءِ سه??لت??ن ۽ موقعا فراهم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪا کوٽ نه آهي، حڪومت نوجوان رانديگرن کي بهتر سه??لت??ن فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ه?? علائقي ۾ راندين جا ميدان ٺاهڻ جي هدايت ڏني آهي ته جيئن ٻارن ۽ نوجوانن کي صحتمند تفريح جا موقعا ملي سگهن. ٻنهي ڪرڪيٽرز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تازين مئچن ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪا??ڪر??گي کي ساراهيو.