اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، نوجوانن کي جنسي ڏوهن ۽ م??شي??ت جهڙين اخلا??ي براين کان بچائڻ لاءِ سيرت طيبه جي سنهري اصولن جي روشني ۾ ان جي ڪردار سازي گهڻي ضرور?? آهي. وزيراع??م سان ڊاڪٽر صاحبزاده ساجد الرحمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري به موجود هو. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ 12 ربيع الاول ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، ان موقعي تي نوجوان نسل کي مديني جي رياست ۽ سيرت طبيه جي رهنما اصولن کان روشناس ڪرائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جو بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، پاڻ سڳورن ماڻهن جي ڪردار سازي تي خاص ڌيان ڏنو. وزيراعظم چيو ته اڄ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ نوجان نسل جنسي ڏوهن ۽ م??شي??ت جهڙين براين کان بري طرح متاثر ٿي ره?? آهي، نوجوانن کي ان اخلا??ي براين کان بچائڻ لاءِ سيرت طبيه جي سنهري اصولن جي روشني ۾ انهن جي ڪردار سازي گهڻي ضرور?? آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪئ?? آهي جنهن ۾ سيرت طيبه تي اعليٰ شهرت رکندڙ اسڪالرز نوجوانن جي ڪردار سازي لاءِ رهنمائي ڪندا، وزيراعظم چيو ته اها اٿارٽي تحقيق ڪري نوجوانن کي ٻڌائيندي ته اهي ڪهڙا عمل هئا جنهن جي ڪري رڳو 13 سالن جي ٿوري عرصي ۾ (636-623) مسلمان قيصر ۽ ڪسري جي عظيم سلطنتن کي زير ڪري 150000 چورس ڪلو??يٽ?? زمين تي حڪمراني ڪرڻ لڳا.