دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تا??ڪس??ان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانستان ۾ اهڙي جامع حڪومت جي قيام جي ضرورت آهي جنهن ۾ سمورن گروپن جي نمائندگي موجود هجي، افغانستان جي دوست جي حيثيت سان اسان پنجشير جي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ان سلسلي ۾ پشتون گروپن جڏهن ته تا??ڪس??ان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ تا??ڪس??ان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ تا??ڪس??ان جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير??عظ?? عمران خان شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب انعقاد تي تا??ڪس??ان جي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن تا??ڪس??ان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني تي تا??ڪس??ان جي صدر جو ٿورو به ادا ڪيو، وزير??عظ?? چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، اطلاعات، دواسازي سميت مختلف شعبن ۾ ??عا??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افغانستان جي صورتحال تي به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪستان ۽ تا??ڪس??ان پر پوري خطي لاءِ ضروري آهي، وزير??عظ?? چيو ته افغان عوام 40 سالن کان مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان کي امن جي ضرورت آهي، وزير??عظ?? چيو ته پنجشير ۾ طالبان ۽ تاجڪن جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ثالثي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ڪوششون ڪنداسين ته ان معاملي کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پاڪستان پشتون گروپن جڏهن ته تا??ڪس??ان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. وزير??عظ?? چيو ته افغانستان جي تاريخ ۾ اها فيصلائتي گهڙي آهي، افغانستان ۾ پشتون 45 سيڪڙو آهن، ان کانسواءِ تاجڪ ۽ هزاره سميت ڪيترائي ٻيا گروپ به موجود آهن، افغانستان ۾ جامع حڪومت جي قيام جي ذريعي ئي پائيدار امن ممڪن آهي، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين، وزير??عظ?? چيو ته افغانستان ۾ قيام امن جامع حڪومت جي قيام سان ئي ممڪن آهي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ تقريب دوشنبي جي صدارتي محل ”قطر ملت“ ۾ ٿي، وزير??عظ?? عمران خان ڳالهين ۾ پاڪستاني جڏهن ته تا??ڪس??ان جي صدر امام علي رحمانوف پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. ان کان اڳ وزير??عظ?? عمران خان پاڪستان جڏهن ته صدر امام علي رحمانوف تا??ڪس??تن جي طرفان مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرڏيهي معاملن، صنعتي ??عا??ن ۽ ٻٽي ٽيڪسن کان بچاءُ، مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ، فنانشل ??نٽ??لي جنس، سياحت ۽ رانديون، اطلاعات سميت مختلف شعبن ۾ ??عا??ن جي فروغ لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، تاجڪ خابرو اداري ۽ پاڪستان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي وچ ۾ به مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??عا??ن کي فروغ حاصل ٿيندو.