اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته آن لائين ۽ پيشيواراڻي تعليم ۾ آسانيون پيدا ڪري اسان ??ه رڳو اعليٰ تعليم کي فروغ ڏئي سگهون ٿا پر مارڪيٽ جي طلب ۽ په?? جي ضرورتن جي ڏس م تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيسٽ يونيورسٽي ٽيچر ايوارڊ 2020ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت ملڪ ۾ هڪ جهڙي تعيلمي جو نظام خواب پورو ڪري ڇڏيو آه??. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آه??، يونيورسٽين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آه?? پر تعليمي معيار ۾ بهتري وقت جي ضرورت آه??، يونيورسٽين جي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري سان گڏوگڏ نصابي مواد تي معيار جو دارومدا?? آهي. هن چيو ته حڪومت اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو آه??، احساس پروگرام ۾ تعليم جي فروغ لاءِ وظيفا رکيا ويا آه??، حڪومت ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏئي آه?? ته جڏهن ته تعليمي ادارن پاران پڻ شاگردن کي وظيفا ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته ڪورونا دوران آن لائين تعليم جو سلسلو جاري رهيو، آن لائين تعليمي نظام کي فروغ ڏئي تعليمي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي ڇو ته ان تدريس جي طريقي سان فزيڪل اسٽرڪچر جو گهٽ کان گهٽ استعمال ٿيندو جڏهن ته تعليمي مواد به آن لائين دستياب هوندو. صدر چيو ته ورچوئل تعليمي نظام جديد دور جي ضرورت آه??، ورچوئل يونيورسٽي گهٽ تعليمي خرچن سان معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آه??. هن چيو ته موجوده دور موجب نصاب متعارف ڪرائڻ وقت جي ضرورت آه??، يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ انجنيئرز، ڊاڪٽرز ۽ پيشيور ماهر نوڪرين جي ڳولا ۾ ٻاهرئين ملڪ ويندا هئا پر هاڻي ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا موجود آه??، پاڪستان جا هنرمند ماڻهو ملڪ ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ روزگار جا وسيع موقعا موجود آه??. صدر چيو ته خطي ۾ اعليٰ تعليم جي حوالي سان پاڪستان اڃا پٺتي آه??، پاڪستان جي ترقي ۾ تعليم جو بنيادي ڪردا?? آهي. هن چيو ته تعليم جي فروغ ۽ معيار جي بهتري ۾ نصابي مواد ۽ استادن جي پڙهائڻ جو انداز انتهائي اهم آه??، جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ۾ وزن هجي ته ماڻهو ان تي يقين ڪن ٿا، انساني لاڳاپن جو بنياد به ڪميونيڪشن تي آه??، قومن ۽ خاندانن ۾ به رابطي ۾ ڪميونيڪشن جو اهم ڪردا?? آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته يونيورسٽين جي استادن کي ميرٽ تي اهي ايوارڊ ڏنا پيا وڃن، يونيورسٽين ۾ تعليم جي معياري فراهمي ۽ تعليم تائين په?? وڏو چئلينج آه??. هن چيو ته يونيورسٽيون قائم ڪرن سان گڏوگڏ فيڪلٽي ڊيولپمينٽ تي ڌيان ڏيڻ جي صرورت آه??، يونيورسٽين ۾ تعليم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن جي وچ ۾ رابطا هجڻ گهرجن. صدر ڊاڪٽر تسليم انصر آغا خان يونيورسٽي، ڊاڪٽر محمد واصف اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي زرعي يونيورسٽي ملتان کي بيسٽ يونيورسٽي ٽيچر ايوارڊ 2020ع ڏنو.