اسلا?? آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ پوليو تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ 22 هائ?? رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب انهن ضلعن ۾ پنجاب جا 3 ضلعا (لا??ور، راولپنڊي ۽ فيصل آباد)، سنڌ جا 8 ضلعا (ڪراچي ڊويزن جا ??مو??ا ضلعا ۽ قمبر)، خيبرپختونخوا جا 5 ضلعا (خيبر، بنون، پشاور، لڪي مروت ۽ ڏکڻ وزيرستان)، بلوچستان جا پنج ضلعا (ڪوئيٽا، پشين، قلعه عبدالله، زوب ۽ مستونگ) ۽ اسلا?? آباد شامل آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊ??ڪٽ?? فيصل سلطان، ڊ??ڪٽ?? شهباز گل ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته الله جو شڪر آهي ته گذريل 6 مهينن ۾سڄي ملڪ ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، وڌيڪ اها ڳالهه به قابل اطمينان آهي ته 2021ع ۾ صرف 14 سيڪڙو ماحولياتي نمونا مثبت ڏٺا ويا جيڪي گذريل سال 56 سيڪڙو هئا، ان لاءِ في الحال اسان وٽ ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جو هڪ نادر موقعو آهي. ايندڙ 6 کان 12 مهينا ان حوالي سان انتهائي اهم آهن، وزيراعظم ??مو??ن هاءِ رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو ان موقعي مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ پاڪستان کي پوليو جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ ??مو??ا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي وائرس کي هنگامي بنيادن تي منهن ڏنو وڃي.