اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته چونڊ سڌارا، اليڪٽرانڪ ??وٽنگ ۽ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو عمل جلد مڪمل ڪ??و وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن اليڪٽرانڪ ??وٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان ٿيندڙ ??ريفنگ دوران ڏني. وزيراعظم کي چونڊ سڌارن جي ڏس ۾ اليڪٽرانڪ ??وٽنگ مشين جي استعمال ۽ قانونسازي جي حوالي سان هن وقت تائين ٿيندڙ ??ڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ??وٽنگ مشين جو چونڊ عمل ۾ استعمال ۾ شفافيت ۽ سڀني آئيني گهرجن کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڏيندي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده حڪومت ملڪ جي چونڊ عمل ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پرعزم آهي.