مڪه – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دنيا جي مختلف علائقن ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن ۾ اضافي تي ا??لامي تعاون تنظيم جي ٺوس ردعمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ت?? مسلمان اڳواڻن جي گڏ??ل ڪوشش هجڻ گهرجي ته دنيا ان خصوصي محبت ۽ عقيدت کي تسليم ڪري جيڪا مسلمان حضور اڪرم ﷺ جي ذات مبارڪ سان رکن ٿا، ڪنهن کي به اسلام ۽ دهشتگردي جي وچ ۾ ڪو ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ جي ا??ازت نه ڏني وڃي، عالمي برادري عدم برداشت ۽ مذهب يا عقيدي جي بنياد تي تشدد جي لاءِ اتساهڻ جي خلاف گڏ??ل عزم ظاهر ڪري ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏ??ل بقاءَ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري. هن اهڙن خيالن ??و اظهار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف اي الاثمين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو.