اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد ??ور??گزيب چيو آهي ته ڍانچيوار سڌارن جي شروعات ڪري چڪا آهيون، آمدني ۽ کپت موجب ٽيڪس جي ادائيگي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم جاري ??هي?? ٽيڪس ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن کي ساڍا 13 سيڪڙو تائين آڻڻ ??هي?? ٽيڪسن بابت اهي هدف اسان کي ٽن سالن ۾ حاصل ڪرڻا آهن. اسلام آباد ۾ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ ۽ ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد ??ور??گزيب چيو ته سڌارن واري ايجنڊا ۾ ٽيڪسيشن جو اهم ڪردار ??هي?? ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي موجوده شرح 9 کان 10 سيڪڙو جي وچ ۾ ??هي?? حڪومت ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي هدفن کي 13 سيڪڙو کان مٿي وٺي وڃڻ جي خواهشمند آهي. محمد ??ور??گزيب چيو ته ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم جاري آهن، شفافيت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيا آهيون ته جيئن انساني مداخلت کي هيٺين سطح تائين آڻي سگهجي. هن چيو ته اسان روينيو هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جديد دور ۾ شفافيت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جي وڏي اهميت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته جيڪو ٽيڪس بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ??هي?? ان جو مقصد آهي ته نان ڊڪليئريشن يا انڊر ڊڪليئريشن، يا طرز زندگي کي ٽيڪسن سان هم آهنگ ڪرڻ ??هي?? ان فارمل سيڪٽرز کي فارمل سيڪٽرز ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، ٽيڪس پيئرز کي تنگ نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اينڊ ٽو اينڊ ڊجيٽلائيزيشن آڻي انساني مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو پيو وڃي، ته جيئن ڪرپشن جي شڪايتن کي به گهٽ ڪ??ي سگهجي، نظام ۾ انساني مداخلت گهٽ ٿيڻ جو مطلب ڪرپشن ۾ گهٽتائي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مارچ ۾ جڏهن اسان حڪومت جو سفر شروع ڪيو ته انهي وقت هي سسٽم ڊزائين ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، هاڻي اسان ان جي تڪميل جي ويجهو آهيون، ديانتداري سان ٽيڪس ڏيندڙن کي وڌيڪ بار کان بچائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ٽيڪس گيپ ۽ ليڪيجز کي روڪڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن عام ماڻهن تي وڌيڪ بار نه پوي. محمد ??ور??گزيب چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن آئون سيالڪوٽ چيمبر ۾ هئس، چيو هو ته اسان ڪڪڙين ۽ دالين جي قيمتن جو جائزو ورتو هو، ته جڏهن ٽرانسپورٽيشن ۽ ٻين شعبن ۾ قيمتون گهٽ ٿي رهيون هيون ته ان ٻنهي آئٽمز جون قيمتون ڇو وڌي رهيون آهن، ان کانپوءِ اسان چيف سيڪريٽرين ۽ صوبن کي درخواست ڪئي، جن??ن کانپوءِ ڪڪڙ ۽ دال جون قيمتون به گهٽ ٿيون آهن. ناڻي واري وزير چيو ته سيلز ٽيڪس جو جيستائين تعلق ??هي?? ته ايف بي آر چيئرمين سمورين انڊسٽريز ۾ وڃي کين ان حوالي سان آگاهه ڪيو هو، سمورن سيڪٽرز ۾ گورننس بهتر بڻائي وئي آهي. ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته مالي خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ گورننس جو معيار بهتر ڪيو ويو، انهي سبب مهانگائي ۾ ساڍا 6 سالن جي تاريخي گهٽتائي اچي چڪي ??هي?? پنهنجي ٽيڪس جي وسيلن کي مناسب حد تائين وڌائڻو آهي ۽ کين برقرار رکڻو ??هي?? هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته صرف پگهاردار طبقو ۽ صنعتون ئي ملڪ جو بار نه کڻن، پر هر شعبو پنهنجي صلاحيت ۽ حصي موجب ٽيڪس ڏي. اسان چاهيون ٿا ته سمورن شعبن کي فارمل سيڪٽر جو حصو بڻايو وڃي، ان لاءِ اسان کي نادرا ۽ ٻين اسان جي دوستن ڊيٽا فراهم ڪئي ??هي?? جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون. ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال چيو ته ٽيڪسن جو مجموعي خال 7 هزار ارب روپين کان وڌيڪ ??هي?? اداري جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، 27 لک ماڻهو پنهنجا ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائي رهيا آهن، ٽيڪس نظام ۾ جديد ٽولز متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته ٽيڪس ادائيگي لاءِ سڀني کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي، اسان هڪ لک 90 هزار ماڻ??ن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، ان کانپوءِ 38 هزار ماڻهن ريٽرن فائل ڪري ڇڏيو، ٽيڪس وصولي ۾ اسان جو فوڪس ٽ??پ 5 تي آهي. اي پي پي/م – ش/ر – م 15:47