اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ اسپين انجنيئرنگ، هاءِ ويز، اوور هيڊز سميت ??ين شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا، پاڪستان ??ين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وسيع سيڙپڪاري جي موقعن ۽ وڌيڪ پُرڪشش منافعي جي آڇ ڪندو آهي. وفاقي وزير اسپين جي سينيٽ ميمبرن جي وفد ڪالهه هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسپين جي سينيٽ افيئرز ڪميٽي جي ميمبرن وفاقي وزير عبدالعليم خان سان گڏيل دلچسپي ۽ ??ين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد ۾ اسپين جي سينيٽرن ويڪنٽ ايزپيٽيراٽ، نطاليه اسيرو، انٽونونيوگتريز ۽ لوئيس ڊي لاپينا شامل هئا. وفاقي وزير ملاقات ۾ اسپين ۾ سينيٽ ميمبرن جي چونڊ، ورڪنگ ۽ اداري جي ??ين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ملڪ جي ڀيٽ ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن جڏهن ته هتي منافع جي شرح به ??ين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مسئلن باوجود پاڪستان مختلف شين جي وڏي مارڪيٽ ۽ بزنس جو مرڪز بڻجي سگهي ٿ??. وفاقي وزير سيڙپڪاري وفد کي ٻُڌايو ته اڄ به پاڪستان کي ڪيترن ئي شين ۾ انفراديت حاصل آهي ۽ قومي روانگي واپار ۾ واڌ جا وسيع امڪان موجود آهن. هسپانوي سينيٽرن وفاقي وزي?? سان ايندڙ مهيني ايڪسپو ايونٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير اسپين جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو ته ان حوالي سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ اسپين وچ ۾ بي ٽو بي تحت وڏي پيماني تي ٻه طرفي سرگرمين جي شروعات ٿيڻ گهرجي. عبدالعليم خان چيو ته اسان کي گڏيل واپار ۽ سهڪار جا دروازا کولڻا آهن، ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪ- اسپين ڀائيواري ڪري سگهجي ٿ??. ملاقات دوران پاڪستان ۾ اسپين جي سفير پاڪستان ۾ پن??نجي قيام جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عبدالعليم خان کي پن??نجي تاثرن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني چانور، ڪپهه، انبن ۽ ??ين پيداواري شين جو به ذڪر ڪيو.