اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت ??لت??تان جي گهانچي جهڙي ڏورانهن علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي اداري رمدي يونيورسٽي جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي، گلگت ??لت??تان جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت ??لت??تان ۾ ٿاگوس، ضلعي گهانچي وٽ قائم ڪئي ويندڙ رمدي يونيورسٽ?? جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي. رمدي يونيورسٽي هڪ ٽرسٽ تحت قائم ڪئي پئي وڃي. رمدي يونيورسٽ?? جي تعمير سمنڊ پار پاڪستانين سميت سڄي پاڪستان مان سرندي وارن ماڻهن جي تعاون سان مڪمل ٿيندي. ان کانسواءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف رمدي يونيورسٽ?? جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي ۽ سندس سمورن ساٿين کي دل جي گهراين سان رمدي يونيورسٽ?? جي قيام جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، رمدي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان تعاون ڪندڙ سمورن ادارن ۽ ماڻهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته اڄ اسان سڀ گڏجي هتان جي ٻارن ۽ ٻارڙين جي روشن مستقبل جو بنياد رکيو آهي، گلگت ??لت??تان جي گهانچي جهڙي ڏورانهين علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي اداري جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته 11 هزار فٽ جي بلندي تي ٿاگوس وٽ قائم ٿيندڙ اها يونيورسٽي جديد علم ۽ تحقيق جي معيار جون بلند چوٽيون پار ڪندي، انشاءَ الله پاڪستان ۾ تعليم جي فروغ ۾ نجي شعبي جو ڪردار انتهائي اهم آهي، نجي تعليمي ادارن مان فارغ ٿيندڙ شاگردن هر شعبي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته گلگت ??لت??تان جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گذريل ڏينهن گلگت ??لت??تان جي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر 62 خاندانن کي گهر حوالي ڪيا ويا آهن، گلگت ??لت??تان ۾ 100 ميگاواٽ شمسي توانائ?? جي منصوب?? جي شروعات ڪئي وئ?? جيڪو علائق?? جي بجل?? جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه ئي گلگت ??لت??تان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان گلگت ??لت??تان جا قابل ۽ مستحق شاگرد فائدو کڻي سگهندا ۽ معاشر?? جي تعميري ماڻهن جي طور تي پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا. تقريب ۾ جسٽس (ر) خليل الرحمان رمدي، رمدي يونيورسٽ?? جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته رمدي يونيورسٽي گلگت ??لت??تان جي ضلعي گهانچ?? جي علائقي ٿاگوس ۾ 200 ڪينال ايراضي تي قائم ڪئي پئي وڃي، رمدي يونيورسٽي دنيا جي بلند ترين جاين تي تعمير ڪئي ويندڙ يونيورسٽين مان هڪ هوندي، يونيورسٽي ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي، هائيڊرولوجي، معدنيات سميت ٻين مضمونن جي تعليم ڏني ويندي. اسفنديار ولي رمدي اسڪول گهانچ?? جي شاگردن قومي ترانو پيش ڪيو. اسفنديار ولي اسڪول گهانچ?? جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڊيو لنڪ جي ذريعي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.