رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ س??ود?? ولي عهد محمد بن سلمان مضبوط پاڪ س??ود?? اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائري ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) جي اٺين اجلاس جي موقعي تي س??ود?? ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس صحت ۽ تندرستي جي لاءِ دعا ڪئي. هن عالمي مالياتي ادارن سان لاڳاپيل معاملن تي س??ود?? عرب جي پاڪستان جي حمايت تي محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سندس ۽ سندس وفد جي شاندار مهمان نوازي تي پڻ ولي عهد جا ٿورا مڃيا. فيوچر انويسٽمينٽ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي حوالي سان س??ود?? ولي عهد جي دوراندي?? قيادت کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته س??ود?? ويزن 2030ع ??اڪستان جي اهم پاليسي مقصدن سان هم آهنگ آهي. ٻنهي اڳواڻن مضبوط پاڪستان س??ود?? اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائره ڪار ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم س??ود?? عرب جي سيڙپڪاري واري وزير جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جي س??ود?? وفد جي تازي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ ان دوري دوران صحيحون ڪيل مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) جي بنياد تي هڪ پاڪ س??ود?? معاشي حصيداري جو خلاصو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بي پناهه تباهي ٿي آهي. س??ود?? عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ س??ود?? ولي عهد محمد بن سلمان جي وچ ۾ ??ين??ڙ اها ملاقات ان ڳالهه جي عڪاس آهي.