اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانوالي جي علائقي ملا ??يل ۾ 10 خارجين کي جهنم واصل ??رڻ تي پنجاب پوليس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم کي پوليس جي بهادر نوجوانن تي فخر آهي، خارجين جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف خارجين جي خلاف وقت سر ۽ موثر ڪاررواين تي پنجاب پوليس ۽ ان جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپ??رٽمينٽ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته قوم کي پوليس جي بهادر نوجوانن تي فخر آهي. خارجين جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين خارجين جي خلاف جنگ جاري رهندي.