چن?? ڊائو-24 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چين جي شهر چن?? ڊائو ۾ رٿيل ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ وزاتي ڪانفرنس جي موقعي تي ايران جي هم منصب عباس علي آبادي سان ملاقات ڪئي ۽ توانائي جي حوالي سان سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. پاور ڊويزن مان جاري بيان موجب ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري توانائي جي رٿائن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته انهن سان رابطن ۽ واپ??ر کي هٿي ملندي. ڌُرين خاص ط??ر تي گوادر، بلوچستان ۾ بجلي جا منصوبا لڳائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اويس لغاري چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بجلي گهرن جي آپريشن ۽ سنڀال ۾ سهڪ??ر کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. علائقائي ملڪن وچ ۾ توانائي جي بهتر رابطن جي ضرورت تي ڳالهائيندي ٻنهي وزيرن باقاعده رابطن ۽ اثرائتي ڪميونيڪيشن جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بجلي گهرن جو اثرائتو انتظام، توانائيءَ جي سپلاءِ کي برقرار رکڻ ۽ خطي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪ??ڻ لاءِ ضروري آهي.