اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) وچ ايشيائي رياست تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن وا??ي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن پاڪستان پهچي ويو آهي. اسلام آباد جي عا??مي هوائي اڏي تي واپار وا??ي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين مهمان وزيراعظم جو شاندار ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو.
ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستا پيش ڪيا. تاجڪ وزيراعظم جي آمد جي موقعي تي واپار وا??ي وزير ۽ مهمان وزيراعظم وچ ۾ خيرسگالي جون ڳالهيون به ٿيون. پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفارتخا??ي جون اعليٰ سفارتي اختياريون به موجود هيون. تاجڪستان جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دوستي کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي سهڪار ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلاس ۾ عا??مي اڳواڻن جي شرڪت سان علائقائي امن جون اميدون وڌي ويون آهن.