اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) س??ني?? چيئرمين سيد يوسف ر??ا گيلاني چيو آھي ته اسرئيل جي فوج فلسطين گذريل ھڪ سال کان ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي.س??ني?? سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق س??ني?? چيئرمين چيو آھي ته غزه پٽي ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي فوج طرفان وحشياڻي بمباري ۽ قبضي کي ھڪ سال مڪمل ٿي ويو آھي. ھن چيو ته پاڪستاني عوام پاران پنھنجي فلسطيني ڀائرن سان يڪجھتي جو ??ظھار ڪيون ٿا. اسرائيلي فوج گذريل ھڪ سال کان ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي. عالمي برادري کي فلسط??ني?? جي حالتن تي ڏيان ڏيڻ ۽ تڪ??ار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل لاءِ ڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آھي. اسرائيل طرفان فلسطيني زمين تي ناجائز قبضو عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آھي. عالمي برادري علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ سازگار ماحول کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري. س??ني?? چيئرمين چيو ته فلسطيني عوام جي جائز خواھشن کي تسليم ڪيو وڃي.