راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي ضلعي جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن خ??اف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمدعلي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد (عمر 43 سال، ??هو??سي فيصل آباد)?? لانس نائيڪ محمد الله شهيد (عمر 29 سال، ??هو??سي خيبر)?? لانس نائيڪ اختر زمان شهيد (عمر 30 سال، ??هو??سي لڪي مروت)?? لانس نائيڪ شاهد الله شهيد (عمر 29 سال، ??هو??سي ٽانڪ)?? لانس نائيڪ يوسف علي شهيد (عمر 31 سال، ??هو??سي اورڪزئي) ۽ سپاهي جميل احمد شهيد (عمر 26 سال، ??هو??سي سوات) گذريل ڏينهن دهشتگردن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، جن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ سينيئر حاضر سروس فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقن جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي شيهدن جون اهي قربانيون دهشتگرديءَ خ??اف جاري جنگ ۾ اسان جي عزم ۽ حوصلي کي تقويت بخشين ٿيون.