اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۾ وڌندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي امن کي ترجيح ڏين. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسرائيل تازي مهينن ۾ عالمي ق??نون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي ق??م کنيا جنهن جي نتيجي ۾ سنگين انساني بحران پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته اسرائيل غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، لبنان تي تازي حملي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن سان بيگناهه شهرين جون زندگيون م??اث?? ٿي رهيون آهن. فلسطين، لبنان ۽ وسيع خطي جا ماڻهو خوف ۽ تشدد کان آزاد زندگي گذارڻ جا مستحق آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورين ڌرين جي لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته اهي پـٺتي ٿين ۽ عالمي برادري کي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تيزي سان ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ، لبنان جي خودمختياري جي تحفظ ۽ غزه ۾ جاري انساني بحران جي خاتمي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي ق??نون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ جامع حل سان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي اهم طور ٻه رياستي حل جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي.